اسلام آباد:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)ايف سي کي سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جو اختيار ملي ويو، صدر آصف علي زرداري فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ري آرگنائزيشن آرڊيننس 2025ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس موجب ايف سي هاڻي فيڊرل ڪانسٽيبلري سڏائيندي، لا اينڊ جسٽس ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايف سي بابت قاعدا ۽ ضابطا ٺاهيا ويندا، هر ڊويزن ۾ هڪ ونگ ڪمانڊر مقرر ڪيو ويندو، آءِ جي ايف سي وفاقي حڪومت مقرر ڪندي، ڊويزنل ونگ ڪمانڊر جو رينڪ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل جي برابر هوندو، وفاقي حڪومت لا اينڊ آرڊر ٺاهڻ لاءِ وفاقي ريزَروَ فورس ڀرتي ڪري سگهندي، ايف سي جي ذميواري وڳوڙن تي ڪنٽرول ڪرڻ، ملڪ جي اندرين سڪيورٽي، ڪائونٽر ٽيررازم ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ هوندي، مملڪتي وزير طلال چوڌري ڪمانڊنٽ ايف سي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايف سي هاڻي فيڊرل ڪانسٽيبلري هوندي، ايف سي ٻين لا فورس ادارن جيان ڪم ڪندي، امن قائم ڪرڻ لاءِ ايف سي جو خاص ڪردار هوندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language