دادو:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)دادو شهر جي محمد شاھه ڪالوني ۾ ون فائيو جي اهلڪار پرويز ابڙو ۽ سندس ڀاءُ سهيل پاران نوجوان سجاد پٽ نذير ٻٻر تي وحشياڻو تشدد ڪندي کيس پلاسٽڪ جي پائيپ سان تشدد ڪري گهٽي ۾ گهليندا رهيا بعد ۾ اهلڪار تشدد جو نشانو بڻايل نوجوان سجاد ٻٻر کي اي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪپ ڪرائي ڇڏيو آهي ، تشدد جو نشانو بڻايل نوجوان جي پيءُ نذير ٻٻر اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي سخت احتجاج ڪندي پوليس آڏو داهيو آهي ته تشدد به منھنجي پٽ تي ٿيو آھي ۽ گرفتار به منهنجي پٽ کي ڪيو آهي، نذير ٻٻر پوليس کي ٻڌايو ته 15، اهلڪار پرويز ابڙو ۽ سندس ڀاء منهنجي گهر ۾ گهڙي پٽ سجاد تي لتن ، مڪن سان تشدد ڪندا گهليندا گهٽي ۾ کڻي وڃي مٿس پلاسٽڪ جي پائيپ سان تشدد ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته سندس پٽ کي آزاد ڪري ون فائيو اهلڪار پرويز ابڙو ۽ سهيل ابڙو خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، ٻئي طرف 15، اهلڪار پرويز ابڙو جو چوڻ آهي ته سجاد ٻٻر معمولي ڳالھ تان سندن معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو آهي، اسان اهڙي رپورٽ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language