welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

موري ڀرسان ڀائرن ۾ زمين معاملي تان جهيڙو، فائرنگ ۾ ڏير هٿان ڀاڄائي قتل

مورو:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)مورو ويجھو ڀائرن ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو، فائرنگ ۾ ڏير هٿان ڀاڄائي قتل، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب درس ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير بخش مھر ۾ ڏير هٿان مسمات رخسانه زال دلدار مھر قتل ٿي وئي، واقعي جي اطلاع تي درس پوليس پھچي ايمبولينس ذريعي مقتول عورت جي لاش کي کڻائي مورو اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول عورت جي ڀاءُ سڪندر مھر ٻڌايو ته منھنجي ڀيڻ کي ڏير مير مرتضيٰ مھر رپيٽر جا فائر ڪري قتل ڪيو آھي، ھن ٻڌايو ته منھنجي ڀيڻيوي دلدار جو پنھنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ مھر سان زمين جي معاملي تان سال کان معاملو ھلندڙ ھو، ڪالهه ڀائرن ۾ جھيڙو ٿيو، جنھن دوران مير مرتضيٰ مھر رپيٽر جا فائر ڪري منھنجي ڀيڻ رخسانه مھر کي قتل ڪري ڇڏيو، درس پوليس جو چوڻ هو ته واقعي واري ھنڌ تان گولين جا کول مليا آھن، قتل ڪندڙ جوابدار فرار ٿي ويو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے