welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پوليس نشي جي عادي، کهڙا ۾ اهلڪار ڀنگ واپرائڻ سبب بيهوش

اڳڙا:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)آءِ جي سنڌ جو جاري ڪيل حڪمنامو کهڙا پوليس هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، منشيات خلاف ڪارروائيون ڪندڙ پوليس موالي بڻجي وئي، ڀنگ واپرائڻ سبب اهلڪار بيهوش، گمس اسپتال منتقل، خبر موجب کھڙا ۾ پوليس اھلڪار عبدالحفيظ شيخ ڀنگ جو نشو واپرائڻ سبب بيهوش ٿي ويو، جنهن کي کھڙا پوليس موبائل ذريعي فوري طور تي گمس اسپتال منتقل ڪيو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او کھڙا مقصود ڪورائي ٻڌايو ته اھلڪار ڀنگ واپرائي، واپس اچڻ تي اوچتو بيهوش ٿي ويو، جنهن بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ جي سنڌ طرفان حڪمنامو جاري ڪيو ويو هو ته جيڪي به پوليس عملدار منشيات واپرائڻ ۾ ملوث نڪتا انهن کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے