چڪوال:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)تيز برساتن سبب شهر ۾ ٻوڏ جي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ضلعي انتظاميا موجب، چکوال ۾ رڪارڊ برسات ڪڪر ڦاٽڻ سبب ٿي. ڪلر ڪهار، وهالي زير ۾ 325 ملي ميٽر ۽ چو اسيدان شاهه ۾ 310 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ضرورت پوڻ تي پاڪستان فوج جي مدد به ورتي ويندي.
ياد رهي ته برسات سبب ڇتون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب لاهور، فيصل آباد، جهلم ۽ سرگوڌا سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ 28 ماڻهو فوت ۽ 90 زخمي ٿيا آهن.
فوت ٿيلن مان 12 ماڻهن جو تعلق لاهور، 8 فيصل آباد، 3 شيخوپوره ۽ 2 جو اوڪاڙه سان آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language