قلات:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)قلات ويجهو مسافر ڪوچ تي فائرنگ ۽ گرنيڊ حملي ۾ ٽي مسافر مارجي ويا.
پوليس اختيارين موجب، هڪ مقامي ٽرانسپورٽ ڪمپني جي مسافر ڪوچ ڪراچي کان ڪوئيٽا اچي رهي هئي جڏهن اها قلات جي نمروگ ڪراس علائقي جي ويجهو پهتي ته ويجهي جبلن تي لڪيل هٿياربند ماڻهن ڪوچ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
جڏهن ڊرائيور ڪوچ کي نه روڪيو ته هٿياربند ماڻهن ڪوچ تي فائرنگ ڪئي ۽ گرنيڊ اڇلايا، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي مسافر مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا.
لاشن ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي طلب ڪيو ويو.
اسپتال اختيارين موجب، زخمي مسافرن مان ٻن جي حالت نازڪ آهي. واقعي کان پوءِ پوليس ۽ ايف سي شڪي ماڻهن کي ڳولڻ لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو.
ٻئي طرف، بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند واقعي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته وڏي وزير بلوچستان مير سرفراز بگٽي آءِ جي پوليس ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري هوم کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language