welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نوابشاهه ۾ زمين جي تڪرار تي فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا

نوابشاه:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)نوابشاهه ۾ زمين جي تڪرار تي ڇهه ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. پوليس موجب، واقعو نوابشاهه جي ڪيريا موري علائقي جي ويجهو پيش آيو، جتي زمين جي تڪرار تي ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران ڇهه ماڻهو گوليون هڻي مارجي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي مخالف ڌر جا چار ماڻهو جيل ۾ آهن ۽ انهن تي قتل جو ڪيس هلي رهيو آهي. مقتول عدالت وڃي رهيا هئا ته مخالفن فائرنگ ڪئي. ايس ايس پي چيو ته مقتول ڀنگوار برادري سان تعلق رکن ٿا. واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا ۽ انهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے