welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنجاب: گذريل ڏينهن برسات دوران حادثن ۾ 43 ڄڻا فوت ٿيا، ريسڪيو ترجمان

اسلام آباد:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)گذريل ڏينهن پنجاب ۾ برسات دوران پيش آيل حادثن ۾ 43 ماڻهو فوت ٿيا. ريسڪيو ترجمان موجب، گذريل ڏينهن پنجاب ۾ برسات دوران ڇتون ۽ ڀتيون ڪرڻ جا 130 واقعا پيش آيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي جاني نقصان ٿيو. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن برسات دوران صوبي جي مختلف علائقن ۾ پيش آيل حادثن ۾ 43 فوتگيون ٿيون. ريسڪيو اختيارين موجب، لاهور ۾ 16، شيخوپوره ۾ 5، اوڪاڙه ۽ پاڪپتن ۾ 4-4، چکوال ۾ 2، فيصل آباد ۾ 9 ۽ منڊي بهاءُ الدين، ننڪانه ۽ ساهيوال ۾ هڪ-هڪ فوت ٿيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے