نيو سعيدآباد:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)قومي شاھرہه تي ٻن تيز رفتار ٽرالرن ۾ ٽڪر نتيجي ۾ ٽرالر ڊرائيور فوت ڪلينر سخت زخمي ٿي پيو.
نيوسعيدآباد ڀرسان بٺوفاريسٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمال چانگ وٽ قومي شاهراه تي لاھور کان ڪراچيءَ ويندڙ ٽرالر جو اڳيان ويندڙ ٽرالر سان زوردار ٽڪر نتيجي ۾ ٽرالر روڊ تان لهي کاهي ھليو ويو.
جنھن سبب ٽرالر ڊرائيور 25 ورهين جو مبشر پٽ محمد بوٽا رحماني موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. جڏهن تہ ڪلينر شفيق الرحمان پٽ ضياءُالدين سخت زخمي ٿي پيو، پوليس پھچي فوتي ۽ زخميءَ کي تعلقا اسپتال نيوسعيدآباد آندو ويو.
جتي زخميءَ کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ لمس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.
جڏھن تہ فوتيءَ جو مڙه اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي، جڏھن تہ ٻيو ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.
ٻڌايو پيو وڃي تہ پويان ايندڙ ٽارلر ڊرائيور کي ننڊ جا جھٽڪا اچڻ سبب واقعو پيش آيو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language