welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

دادو: شادي شده عورت سان جنسي زيادتي وارو معاملو

دادو:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)شادي شده عورت سان جنسي زيادتي واري معاملي جو ايس ايس پي دادو پاران نوٽيس وٺڻ بعد، ڪيس داخل، ڪجھ ڪلاڪن اندر مک جوابدار به گرفتار ڪيو ويو. گذريل ڏينهن شادي شده عورت سان جنسي زيادتي جي حوالي سان ميڊيا رپورٽن کانپوءِ متاثره عورت سان ملاقات ڪري کيس بي سيڪشن ٿاڻي تي متاثر عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ايس ايچ او دادو بي سيڪشن وڌيڪ ڪاروائي ڪندي ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار پرويز ولد انور ٻٻر کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏھن ته متاثر عورت جو ميڊيڪل چيڪ اپ پڻ ڪرايو ويو آهي ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ سميت ٻيون ضروري ڪاروايون پڻ عمل ۾ آنديون پيون وڃن، ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے