تلھار:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)سعيد پور اسٽاپ وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل جو واٽهڙو کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ معصوم نينگر سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ 6 ورهين جو نينگر محمد علي دستي ، لال بخش بهراڻي ، دلاور دستي سميت 4 ڄڻا شامل آهن زخمين کي تلهار اسپتال پهچايو ويو آهي.
جتي کين طبي امداد ڏيڻ بعد 2 زخمين دلاور دستي ۽ لال بخش بهراڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر موجب دلاور دستي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي.
پوليس موجب جاچ ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language