welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر: سنڌو درياءُ مان 5 لاش هٿ، 3 لاش ڪڍيا ويا

سکر:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)سنڌو درياءُ مان 5 لاش هٿ ڪيا ويا آهن بيراج جي دروازن ۾ ڦاٿل لاش هٿ ڪيا ويا آهنلاش سرد خاني حوالي ريسڪيو 1122 سنڌو درياھ ۾ پاڻي جي تيز وهڪري سبب لاشن جي ملڻ جو سلسلو روڪي نه سگهيو سکر بيراج جي مختلف گيٽن تي هڪ ڀيرو ٻيهر لاشن جي ڦاسڻ جا واقعا سامهون آيا آھنواقعي جي اطلاع تي لاڳاپيل پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن موقعي تي پهچي لاش ڪڍڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي وڌيڪ جاچ جاري آهي. ياد رهي ته مون سون جي موسم ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ سبب سنڌو درياھ ۾ لاش ملڻ جا واقعا وڌي رهيا آھٻئي پاسي سکر بيراج مان 05 لاشن جي اطلاع تي ريسڪيو 1122 غوطا خور ٽيم پهچي وئي 03 لاش ڪڍيا ويا آهن، وڌيڪ لاشن کي ريسڪيو ڪيو پيو وڃي ريسڪيو 1122 جي مطابق سکر بيراج جي گيٽ نمبر 27,36,42 ۽ 62 مان لاش مليا آهن سنڌو درياهه ۾ هر سال پاڻيءَ جي سطح وڌڻ سان لاش سکر بيراج جي دروازن ۾ ڦاسي پوندا آهن مٿاهين علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب ٻڏي وڃڻ وارن ماڻهن جا لاش سکر بيراج تائين پهچندا آهن جڏهن ته بيراج جي دروازن مان ملندڙ لاشن جي سڃاڻپ ممڪن ناهي هوندي لاشن کي ايڍهي جي سردخاني ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے