welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

قاضي احمد: چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 18 ڄڻا سخت زخمي

قاضي احمد:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)ڳوٺ مصري چانڊيو ۾ پلاٽ جي مالڪي تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ڏنڊا، لٺيون ۽ سرون لڳڻ ڪري عورتن سميت 18 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ بلال چانڊيو، گلشير چانڊيو، معشوق چانڊيو، مسمات سڪينا چانڊيو، مسمات آست چانڊيو، مسمات صفوران چانڊيو، مسمات ربي چانڊيو، مسمات عربي چانڊيو، دلبر چانڊيو، غفار چانڊيو، مسمات راڄ ٻائي، مسمات عظمت چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن.زخمين کي تعلقي اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو آھي، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته واقعي سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ٻڌائي پئي وڃي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے