welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاڙڪاڻو: رٽائرڊ ايڪسائيز آفيسر بنا ڪپڙن جي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل، ڊاڪٽرن ۽ عملي کي گاريون، ڪرسيون کڻي جان کان مارڻ جي ڪوشش

لاڙڪاڻو:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)لاڙڪاڻو جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ هڪ رٽائرڊ ايڪسائيز آفيسر بنا ڪپڙن جي اسپتال ۾ داخل ٿي ويو، جنهن ڊاڪٽرن ۽ عملي کي گاريون ڏنيون ۽ ڪرسيون کڻي اسپتال ۾ موجود ماڻهن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته حادثن واري شعبي ۾ موجود ٻين مريضن جي وارثن پاران اگهاڙو ٿيڻ تي رٽائرڊ ايڪسائيز آفيسر شاهد اسران کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته شاهد اسران کي نشي جي حالت ۾ ريسڪيو 1122 ۽ پوليس حادثن واري شعبي ۾ آندو هو. ٻي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته شاهد اسران ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي، قمبر ۾ آفيسر رهيو آهي ۽ هو پنهنجي مائٽ جي قتل ڪيس ۾ 12 سال جيل به ڪاٽي چڪو آهي. پوليس موجب جوابدار کي سول لائين ٿاڻي منتقل ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي ۽ ان جو ميڊيڪل ڪرايو ويندو جنهن کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے