welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ ۾ طوفاني برسات: حادثن ۽ واقعن ۾ ٻن عورتن سميت 8 فوت: حيدرآباد ۾ “ڪلائوڊ برسٽ” ننڍا وڏا رستا ٻڏي ويا: انتظاميا غائب

ڪراچي:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)حيدرآباد ۾ چوماسي جَي طوفاني وسڪارن سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ، ٻن ڪلاڪن ۾ ننڍا وڏا رستا پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ تبديل ٿي ويا، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، تفصيل موجب حيدرآباد ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ کانپوءِ تيز برسات موسم خوشگوار بڻائي ڇڏي جڏهن ته برسات سبب شھر جو بجلي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي ۽ ڪيترن علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو برسات بابت موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد آباد سٽي ۾ ٻن ڪلاڪن ۾ 94 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ائير پورٽ تي 53 ايم ايم ۽ حيدرآباد ريجن ۾ 663 ايم ايم برسات رڪارڊ ڪئي وئي برسات سبب حيسڪو جا 220 فيڊر بند ٿي ويا، جڏهن ته ميمڻ اسپتال وٽ وڌيڪ برسات جو به امڪان موجود آھي. ميڊيا جي رپورٽن موجب حيدرآباد ۾ ڪلائوڊ برسٽ ٿيو آهي جڏهن ته موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ ڪلائوڊ برسٽ نه ٿيو شديد برسات ھئي جيڪڏهن ھڪ ڪلاڪ ۾ 150 ملي ميٽر يا وڌيڪ برسات ٿئي ته اھا ڪلائوڊ برسٽ سڏائبي آھي. ٻئي طرف برسات سبب ٽمبر مارڪيٽ ۾ ڪاٺين جي گودام جي ڇِت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا، ٿڌي سڙڪ ۽ اين آءِ سي وي ڊي قاسم آباد ۾ وڻ ڪِري پيا، طوفاني وسڪارن دوران حيدرآباد – شيخ ڀرڪيو روڊ تي گاڏين سان حادثا پيش آيا، موٽر سائيڪل سوار غلام حسين ڪوري ۽ سهيل حيدري فوت ٿي ويا، لطيف آباد، ريلوي ڪالوني، سحرش نگر، وحدت ڪالوني ۽ پريٽ آباد ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، قاسم آباد، حر ڪيمپ، ٽنڊو ٺوڙهو، گڊز ناڪا ۽ ٻيا هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ چوماسي جي طوفاني وسڪارن دوران مختلف حادثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سوڌو 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. بدين شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ھوائن سان مٽي جي تيز طوفان لڳڻ بعد گجگوڙ سان برسات شروع ٿي وئي، مٽي واري تيز طوفان سبب شھري علائقن ۽ ٻھراڙي ۾ ڪچن گھرن جون ڇتيون، ڪچا ڇپرا سولر پليٽون اڏامي ويون ۽ بجلي جون تارون ڪرڻ سبب بجلي مڪمل بند ٿي ويئي، برسات سبب شھر جي رستن ۽ ھيٺائين وارن ھنڌن تي برساتي پاڻي بھجي ويو ۽ شھر جون ناليون پڻ برساتي پاڻي سان ڀرجي ويون، ماتلي ۾ مٽي جي تيز طوفاني هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو شروع ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ گهرن جي ڇت ۽ ڀت ڪرڻ سبب 2 عورتون دٻجي فوت ٿي ويون، سونانگر ۾ تيز طوفاني هوا سبب گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 30 ورهين جي عورت شهلا ڌي رمضان ڀٽي فوت ٿي وئي جڏهن ته ڪاٺوڙ ۾ 40 ورهين جي عورت سني ڌي جليو مينگهواڙ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي وئي، ٻئي طرف فاضل ٽائون ۾ گهر جي ديوار ڪرڻ سبب پورهيت مگن ٺاڪر جا 2 گڏهه دٻجي مري ويا ۽ گاڏي ٽٽي پئي، هوڏانهن علي پور ويجهو ڏنگڻا ڳوٺ ۾تيز طوفان سبب وڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 9 ورهين جو نينگر فرمان علي ڏنگڻو وڻ هيٺيان اچي ويو جنهن کي علائقي واسين وڻ هيٺيان ڪڍي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٽنڊي غلام حيدر جي ٿيٻاڪالوني م تيز طوفاني هوائن سبب ڀت ڪرڻ جي نتيجي م 17 ورهين جي نينگري شائلا ڌي محمد رمضان شيخ دٻجي فوت ٿي وئي جنهن جو لاش مقامي اسپتال نيو ويو جٽي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي بُڪيرا شريف ۾ ڪڪڙين جي فارم جي ڀِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ نينگر باسط سولنگي فوت ٿي ويو. ڀان سيدآباد شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني هوا سان گڏ برسات شهر جي مختلف علائيقن کي برساتي پاڻي سان ٻوڙي ڇڏيو اڌ ڪلاڪ جي تيز برسات ٽائون انتظاميان جي پت وائکي ڪري ڇڏي مين روڊ مين چونڪ سميت شهر جا روڊ تلاء جا ڏيک ڏيڻ لڳا تيز طوفان سبب گهرن دوڪانن جا ڇاپرا اڏامي ويا ڪيترائي وڻ پٽجي ويا بجلي جا پول ڪري پيا بجلي جو نظام ٿي ويو، سيوھڻ ۽ ڀرپاسي تيز طوفان سان گڏ زوردار برسات ٻيون وسڪارو تيز برسات سبب شھر جا ھيٺيان علائقا جهاز چوڪ شاهي بازار نئون بس اسٽاپ ۽ڪرڪيٽ گرائونڊ پاڻي ھيٺ اچي ويا ۽ ڪيترائي وڻ تيز طوفان سبب ڪري پيا ۽ گجگوڙ سان جاري برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي، ميرپوربٺورو سميت آس پاس جي علائقن ۾ تيز ھوائن سان گڏ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، وسڪاري دوران موسم انتھائي خوشگوار ٿي وئي، بجليءَ جو نظام درهم برهم ٿي ويو.گولاڙچي تعلقي ء سامونڏي پٽي تيز هوا سان گڏ زوردار برسات وسي پيو موسم خوشگوار ٿي وئي، پيرو لاشاري شهر توڙي ڀرپاسي جي علائقن رپ، گهڙو، مڇاري ،مورجهر سميت مختلف علائقن ۾ تيز هوا ۽ مٽي جو طوفان کان بعد برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، طوفان سبب ڪيترن ئي دڪانن جا ڇپرا، بجلي جا پول ۽ سولر پليٽون اڏامي ويون، بجلي جو نظام درهم برهم، برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.ٺٽو ، مڪلي ، ڇتوچنڊ ، چليا ، ڪينجهر ، سونڊا ، جھرڪ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سان گڏ ڪوهستان ۾ پڻ مٽي وارين تيز هوائن سميت چوماسي جي برسات جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو، برسات جي وسڪاري ٿيندي ئي اڪثريتي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي، ڀٽ شاهه ڀٽ شاھ جي نگري سميت ڀرپاسي جي علائقن کنڊو روڊ، دريا خان ٽالپر ، وسي مراد شاھه، سليم راهو، محمود ٿهيم، دودو ميرجت ۽ ٻين هنڌن تي وسڪارو جاري رهيو گرمي جو زور گهٽجي ويو ۽ موسم به خوشگوار ٿي وئي جڏهن ته ڪجهه هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو جڏهن ته برسات جي وسڪاري بعد بجلي جو نظام درہم برہم ٿي ويو، مسوڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي ۾ سانوڻي مند جو ٻيو وسڪارو تيز طوفاني هوائن وڻن جا ڏار، ٽاريون ٽار ٽوڙي پٽ ڪري ڇڏيا، ڪکاون گهرن, لوڙها ۽ ڇپرا پڻ ڪري پٽ پئجي ويا بجلي ٿنڀا ۽ تارون ٽٽي ويون ۽ سولر واريون پليٽون ڇتين تان اڏامي ويون. ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ مٽي جو طوفان شروع ٿيڻ کان پوءِ هلڪي برسات جو وسڪارو پيو. تيز هوا ۽ مٽي جي طوفان سبب ڪيترائي ڇپرا اڏامي ويا. جڏهن ته تيز هوا سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو.مٽياري شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز طوفاني ھوائن سان برسات سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي جڏهن ته مواصلاتي نظام درھم برهم ٿي ويو ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا جنھن سبب اڪثر علائقن جي بجلي بند ٿي وئي ڪوٽڙيءَ شهر ۽ سائيٽ سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ اٽڪل ٻن هفتن جي گهٽ ۽ ٻوسٽ کانپوءِ ڪالھ زوردار برسات پئي، برسات دوران بجليءَ جو نظام درهم برهم ٿي ويو، هڪ ڪلاڪ جي برسات سبب ڪوٽڙي شهر جي لياقت روڊ، شاهي بازار، اسٽيشن روڊ سميت هيٺاهين وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، راڄوخاناڻي ۽ ڀرپاسي ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ کانپوءِ تيز هوا سان مٽيءَ جي طوفان بعد برسات جو تيز وسڪارو شروع ٿي ويو آھي جنھن سبب ڪيترن ئي دڪانن، ڪکاوان گهرن ،هوٽلن ۽ ڪئبينن جا ڇپرا ، سولر پليٽون ۽ سائن بورڊ هوا ۾ اڏامي ويا ۽ ڪيترائي وڻ توڙي بجلي جاپول ڪري پيا، سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڀڳڙاميمڻ دودو سومرو شيخاڻي گهاڙي بخشو ديرو لاکو پير ۾ تيز مٽي طوفان بعد تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي موسم خوشگوار بڻجي وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے