welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نئون ديرو: ڳوٺ تي ڊرون حملا: زال مڙس مارجي ويا: ٻارن سميت 7 ڄڻا زخمي: پوليس تي الزام

نئون ديرو:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)نئون ديرو ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي شاهاڻي شينگ بند ڀرسان ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ رات دير پوليس مبينا ڪارروائي ڪري ڳوٺاڻن مٿان ڊرون حملا ڪيا، جنهن ۾ ڳوٺ مٺو ککراڻي جو رهواسي پيرسن غلام علي ککراڻي ۽ سندس گهرواري سسئي ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته ٻارڙن ۽ عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 3 ورهين جو ذوهيب، 11 ورهين جي ثريه، پياري خاتون، انور خاتون، ڪوثر، نرما ۽ 50 ورهين جو عبداللطيف ککراڻي شامل آهن. اهڙي واقعي بعد ڪيٽي ممتاز پوليس خاموشي اختيار ڪري ورتي، جڏهن ته ڪيٽي ممتاز پوليس مارجي ويلن جي لاشن جا پوسٽ مارٽم به نه ڪرايا ۽ نه ئي واقعي جي اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ پهتي ۽ نه ئي زخمين کي طبي امداد ڏيارڻ لاءِ ايمبولينس سروس فراهم ڪئي،، جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت زخمين ۽ فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، مارجي ويل غلام علي ککراڻي جي نياڻي ميمان ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو والد ۽ امڙ رات جو گهر جي اڱڻ تي سمهي پيا هئا ته پوليس ڊرون حملو ڪري ٻنهي کي ماري ڇڏيو ۽ ٻيو ڊرون حملو ڪيو جنهن ۾ منهنجون سوٽيون ۽ چاچو زخمي ٿي پيا. پوليس پهريان 12 وڳي آئي ۽ واپس روانا ٿي وئي، پوءِ ٻيهر رات جو 2 وڳي اچي حملو ڪيو، بيگناھ پوليس اسان جا ماڻهون ماري وئي آهي، هن چيو ته 2 ڏينهن اڳ اسان جا گهر به پوليس ساڙي وئي هئي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. بند وٽ بيهي پوليس ڊرون حملو ڪيو: نظام ککراڻي نئون ديرو: مارجي ويل غلام علي ککراڻي جي ڀاءُ نظام ککراڻي ڳالهائيندي چيو ته پوليس بيگناھ اسان سان ظلم ڪري وئي آهي، بيگناھ اسان جي گهرن مٿان حملا ڪري منهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڃائي کي قتل ڪري ويا، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو پوليس اسان سان ناجائزيون ڪري رهي آهي. پوليس بند وٽ بيهي اتان ڊرون حملو ڪيو هاڻ پوليس ڪارروائي کان انڪاري آهي. ڇا مان پنهنجي گهر ڀاتين کي لانچر هڻي ماريو آهي؟ جيڪڏهن پوليس ڪارروائي نه ڪئي آهي ته پوءِ اسان جا لاش کڻائڻ لاءِ پوليس ڇو نه آئي. منهنجو پنهنجن سوئٽن سان جهيڙو هلندڙ آهي.پوليس منهنجي سوٽن مٿان به ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي. ڪيٽي ممتاز پوليس واقعي کان لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي ! نئون ديرو: ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي ايس ايچ او رابطو ڪرڻ تي مامري کان لاعلمي ظاهرڪندي چيو ته اسان کي اهڙي واقعي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته پوليس ڪارروائي دوران حملي ۾ مارجي ويل ککراڻي برادري جو ڳوٺ تاجو ديرو شڪارپور ضلعي جي حدن ۾ آهي ۽ واقعو نظام عرف نظو ککراڻي ۽ عباس عرف عباسو ککراڻي جي ذاتي دشمني تحت پيش آيو آهي. ککراڻي گينگ ڦر وارداتن ۾ ملوث آهي. شهرين کان ڦريل رقم ورهائڻ واري معاملي تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو. ککراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي سبب علائقي واسين ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانيل آهي. بيگناهه آهيون، ظلم ڪيو ويو، پوليس ونگاري بڻجي ڪارروائيون پئي ڪري: نثار خاتون نئون ديرو: مارجي ويل غلام علي ککراڻي جي ڀيڻ مسمات نثار خاتون جو چوڻ هو ته خبر ناهي پوليس ڪنهن جي چوڻ تي اسان جي گهر تي چڙهايون ڪري رهي آهي، ٻه ڏينهن اڳ به پوليس گهر تي چڙهائي ڪري گهر ۾ رکيل الهه تله ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو، اناج به کڻي وئي. منهنجو ڀاءُ ڪنهن به ڪيس ۾ روپوش نه هو، ان مٿان جيڪو ڪيس داخل ٿيل هو ان ۾ به ڪورٽ مان ضمانت مليل هيس ۽ حاضري تي ويندو هو، پوليس جي حملي ۾ منهنجو هڪڙو ڀاءُ غلام علي ۽ منهنجي ڀاڇائي شهيد ٿي ويا جڏهن ته منهنجو ٻيو ڀاءُ لطيف زخمي ٿي پيو، پوليس جي حملي ۾ معصوم ٻارڙا به زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي اسان وڏو ظلم ڪري ويو آهي. ڊرون حملي ذريعي بيگناھ ٻه قتل ڪري ڇڏيا. ڪيٽي ممتاز پوليس لاش کڻائڻ لاءِ به نه آئي، ايمبولينس به فراهم نه ڪئي وئي: خانزادي ککراڻي نئون ديرو: عورت خانزادي ککراڻي ٻڌايو ته رات دير سان لاڙڪاڻي پوليس جي وڏن اٽالن گهرن تي چڙهايون ڪري گهرن مٿان 2 ڊرون حملا ڪيا، جنهن ۾ هڪ کٽ تي ستل پيرسن غلام علي ۽ سندس زال سسئي مارجي ويا آهن، عورتن ۽ ٻارن سميت 7 زخمي به ٿي پيا آهن.اڳ به پوليس چڙهائي ڪري گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي مال ڪاهي وئي هئي. اطلاع باوجود ڪيٽي ممتاز پوليس لاش کڻائڻ لاءِ ڳوٺ ناهي پهتي ۽ نه ئي ايمبولينس فراهم ڪئي وئي. حملي ۾ مارجي ويل زال ۽ مڙس جي جنازي نماز ادا، آلين اکين سان تدفين نئون ديرو: هوڏانهن مارجي ويل زال ۽ مڙس جي لاشن جي ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے