welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٺل ويجھو مبينا پوليس مقابلو، مڇو گينگ جو اهم جوابدار مارڻ جي دعويٰ

ٺل:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)ٺل ويجهو مبينا مقابلو، مڇو گينگ جو اهم ساٿي مارڻ جي دعويٰ، 12 ڪلاڪن بعد جوابدار جو لاش امڙ جي حوالي، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد باگڙ لاڙو جي علائقي ۾ سي آءِ اي پوليس موجب جيڪب آباد جي انچارج محمد ايوب ڊوگر پوليس پارٽي سان گڏ گشت ڪري رهيو هو ته جوابدارن سان پوليس جو مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران مڇو گينگ جو اهم ساٿي الله بخش عرف الابو پٽ رانجهو بنگلاڻي سندس ئي ساٿين جون گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو آهي، پوليس مقابلي بعد مارجي ويل جا 4 ساٿي فرار ٿي ويا،پوليس مارجي ويل جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم بعد 12 ڪلاڪن کانپوءِ لاش امڙ ڀانل خاتون حوالي ڪيو ويو، سي آءِ اي جيڪب آباد جي انچارج محمد ايوب ڊوگر چيو ته باگڙ لاڙي وٽ جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو آهي، مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار سنگين اغوا ڦر ڌاڙي سميت ٻار اغوا جا 20 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے