welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوسٽل هاءِ وي 20 سالن کان لٽڪيل: ڪيٽي بندر لاءِ وفاق ۽ علي بندر لاءِ ايشيائي بينڪ کان مدد طلب

ٺٽو:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي سامونڊي پٽي جي 350 ڪلوميٽر ڊگهي ميگا رٿا ڪوسٽل هاءِ وي 20سالن کان لٽڪيل، وفاق ۽ سنڌسرڪار ۾ ڀنڀور ڪريڪ کان ڪيٽي بندر تائين91 ڪلوميٽرن جو فيز ون 50: 50 سيڪڙو جي ڀائيواري سان مڪمل ڪرڻ تي اتفاق، سنڌ سرڪار ڀنڀور ڪريڪ کان اڳ ٺهيل 39 ڪلوميٽر روڊ کي ڪشادو ڪرڻ سان گڏ مرمتي ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو، ڪيٽي بندر کان علي بندرکان 259 ڪلوميٽر واري رهيل حصي لا ءِ ايشيائي بينڪ کان قرض وٺڻ جون تياريون، ان ڏس ۾سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ رهندڙ ساڍا 3 ڪروڙ آبادي کي سفري سهولتون ڏيڻ توڙي زرعي زمينن کي سامونڊي اٿل کان بچائڻ لاءِ مشرف دور ۾ ڀنڀورڪريڪ کان علي بندر تان 350 ڪلوميٽر ڊگهي ڪوسٽل هاءِ وي جي اڏاوت جو رٿيو ويو هو، انهي رٿا سان ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعا گڏجي وڃن ها، پهرين مرحلي ۾ ڀنڀور ڪريڪ کان ڪيٽي بندر تائين 91 ڪلوميٽرن واري فيز ون تي ڪم شروع ڪرايو ويو، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي دور تائين اهو روڊ 39 ڪلوميٽر ( 11سيڪڙو) تائين مس ٺهي سگهيو، انهي رٿا کي ٻُھارا وٽ گهارو ڪيٽي بندر روڊ سان ملائي منصوبو ختم ڪيو ويو هو، 6 مارچ 2013ع تي سنڌ سرڪارڪوسٽل هاءِ وي رٿا ۾ ٻيهر دلچسپي ڏيکاريندي زيرو پوائنٽ (ڀنڀور) کان 20 ڪلوميٽرن تائين اڳ ۾ ٺهيل حصي کي ڪشادو ڪري ضروري مرمت جو ڪم شروع ڪرايو، انهي مقصد هيٺ ورڪس کاتي جي اسڪيم 1826 لاءِ 9 ارب 31 ڪروڙ 80 لک 84 هزار رپيا پڻ منظور ڪيا ويا، ساڳئي وقت سنڌ سرڪار ڀنڀور کان ڪيٽي بندر تائين 82 ڪلوميٽرن واري رهيل حصي لاءِ وفاقي سرڪار کي 50: 50 سيڪڙو شيئر تي ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو، هيل وفاقي سرڪار پاران رٿا لاءِ 9 ارب رپيا منظور ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف ڪيٽي بندر کان علي بندر تائين واري باقي 259 ڪلوميٽرن واري حصي لاءِ ايشيائي بينڪ کان قرض وٺڻ جو رٿيو ويو، جنهن بعد ايشيائي بينڪ ابتدائي اسٽڊي ۽ سروي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، سروي دوران ڪيٽي بندر کان کاروڇاڻ، شاهبندر ۽ جاتي جي سامونڊي علائقي کان علي بندر تائين ڪوسٽل هاءَ وي کي سامونڊي ڪريڪس ۽ سنڌو درياء مٿان گذارڻ ۾ هڪ رنڊڪ سامهون آئي آهي، جنهن لاءِ ڪوسٽل هاءَ وي ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي اختيارين تازو ورڪس کاتي جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏجاڻي ڪري کاروڇاڻ ۽ شاهبندر جي روڙهو ڪريڪ پوائنٽ وٽان سنڌو درياءَ مٿان ڪوسٽل هاءِ وي کي گذارڻ لاء انگريزن جي دور واري ڊگهي پل ۽ ڪريڪس تي مختلف پلين جي تعمير لاء فني ماهرن جون پڻ خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اها رٿا مڪمل ٿيڻ سان 11 ضلعن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي، ڪوسٽل هاءِ وي سامونڊي اٿل روڪڻ ۾ مددگار ٿيندو: ماحولياتي ماهر ٺٽو: سامونڊي پٽي جي رهواسين توڙي ماحولياتي ماهرين جو چوڻ آھي ته ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌو درياءُ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سمنڊ اڳتي وڌي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي رهيو آھي، جڏهن ته زرخيز زمينون کاري پاڻي جي ور چڙھي تباهه رهيون آھن، ڪوسٽل هاءِ وي ٺهڻ سان سامونڊي پٽي جي ڳوٺن ۽ زمينن کي سمنڊ کان بچائڻ ۾ مدد ملندي، انهي سان گڏ خطي ۾ سفري سهولت ۾ بهتري ايندي ماحولياتي اڳواڻ گلاب شاھ، يعقوب سمون، يوسي ڪيٽي بندر جي چيئرمين عبالواحد ميمڻ، سماجي اڳواڻ اياز لاشاري، اڳوڻي چيئرمين عزيز ڀٽي ۽ ٻين چيو ته ڀنڀور کان ڪيٽي بندر تائين پهرين فيز کي مڪمل ڪرائي ٻئي مرحلي ۾ علي بندر واري مرحلي تي ڪم شروع ڪيو وڃي. وفاقي سرڪار ۽ ايشيائي بينڪ جي سهڪارسان ڪوسٽل هاءِ وي رٿا مڪمل ڪبي: حاجي علي حسن زرداري ٺٽو: سنڌ جي ورڪس کاتي جي وزير حاجي علي حسن زرداري چيو آهي ته ڪوسٽل هاءِ وي وارو منصوبو سامونڊي پٽي جي عوام کي سفري سهولت ميسر ڪرڻ سان گڏوگڏ سامونڊي ويرن سبب متاثر ٿيندڙ سوين سامونڊي ڳوٺن ۽ زرعي زمين کي محفوظ بنائڻ جو اهم ذريعو بڻجندو. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاق جي گڏيل فنڊنگ سان ڪوسٽل هاءِ وي مڪمل ٿيڻ سان پٺتي پيل سامونڊي پٽي جي ماڻھن جي معاشي، سماجي ۽ مواصلاتي صورتحال تبديل ٿي ويندي، هن چيو ته هي منصوبو وڏو هجڻ سبب صدر آصف زرداري ڪوششون وٺي انهي ۾ وفاقي سرڪار کي شامل ڪرايو، ايشيائي ترقياتي بينڪ پڻ هن منصوبي کي مڪمل ڪرائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے