welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نوري آباد جي ڪارخانن جو زهريلو پاڻي مٺي پاڻي جي ذخيرن ۽ ڪينجھر ۾ ڇوڙ، آبي جيوت خطري ۾

نوري آباد:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)نوري آباد جي صنعتي زون جي ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ زھريلو ڪيميڪل وارو پاڻي نئين لوياڇ وسيلي سمال ڊيم ڪلوکوھر مان اورٽاپ ٿي ڳوٺ درياء خان جاکرو ڀرسان قدرتي پاڻي ذخيرن ۾ شامل ٿي رهيو آهي، جڏهن ته برساتي نئين لوياڇ وسيلي تاريخي مٺي پاڻي جي ڍنڍ ڪينجهر ۾ ڄاڻايل چوڙ ٿيڻ سبب ڍنڍ جون حسناڪيون تباھ ٿيڻ لڳيون آهن، ڍنڊ جو پاڻي گدلو ٿيڻ لڳو ڍنڊ ۾ آبي جيوت پڻ سخت متاثر ٿيڻ لڳي ڪينجھر ڍنڊ جو پاڻي ڪراچي سميت ضلع ٺٽو ۽ نوري آباد سميت بين علائقن ۾ واپرائڻ سبب بيماريون ڦهلجڻ لڳيون آهن. ان ڏس ۾ نوري آباد جي نيشنل فوڊ، ايشيا بورڊ، بيسٽ بورڊ، الڪرم ملز، الرحيم ٽيڪسٽائيل ملز جو خطرناڪ ڪيميڪلن وارو پاڻي علائقي واسين لاءِ عذاب بنجي ويو آهي. ڳوٺاڻن علي مير جاکرو گل بيگ جاکرو خليفوالھجڙيو جاکرو وحيد پالاري سليم جاکرو آچار جاکرو خميسو گل حسن جاکرو جي اڳواڻي م احتجاجي مظاھرو ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسانجو گذر سفر چوپائي جانورن تي آھي ڪيميڪلن وارو زھريلو پاڻي چوپايو جانور چراگاھ واري ھنڌ تي ھئڻ سبب جانور زھريلو پاڻي پيئڻ سبب فوري مري وڃن ٿا فيڪٽرين انتظاميا جي لاپرواهيءَ سبب ڪيميڪل وارو زھريلو پاڻي علائقي م بغير ٽريمنٽ پلانٽ جي علائقي مان گذاريو پيو وڃي، جنھن سبب اسان جو چوپايو مال مري رھيو آهي. علائقي ۾ چمڙي ۽ پيٽ جي خطرناڪ بيمارين ۽ هيپاٽائيٽس مرض سبب رھواسي بيمارين ۾ ورتل آهن. ھنن اھو انڪشاف ڪيو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان علائقي جي ماڻھن لاءِ سمال ڊئم ڪلو کوھر ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيو پر ان م زھريلو پاڻي ڀرجي اور ٽاپ ٿي ويو جيڪو زھريلو پاڻي ڪينجهر ڍنڍ م چوڙ پيو ٿئي جنهن سبب نوري آباد جا ھزارين رھواسي اھو پاڻي ڪينجهر مان لائن وسيلي نوري آباد پھچي ٿو جيڪو پاڻي صحت لاء ھاڃيڪار پڻ بڻيل رھواسين ڊي سي اوز ڄامشورو ٺٽو ماحول آلودگي کاتي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته زھريلو پاڻي فوري بند ڪري ملوث ڪارخانن مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے