welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گڊو تي وچولي ۽ سکر تي ننڍي ٻوڏ: تربيلاتي وهڪرا معمول تي: اسپل وي کوليا ويا

سکر:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)تربيلا ڊيم، چشما ۽ ڪالاباغ بئراج وٽ سنڌو جا وهڪرا معمول تي اچي ويا، گڊو بئراج تي وچولي ٻوڏ ريڪارڊ. ڪالهه تربيلا ڊيم مان پاڻي کڻت شروع ڪندي اسپل ويز کوليا ويا. ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح 1526.18 فوٽ ريڪارڊ ڪئي وئي. ان ڏس ۾ تربيلا ڊيم وٽ سنڌو ۾ پاڻي وهڪرا معمول تي اچي ويا آهن. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي آمد 2 لک 10 هزار ۽ ڇوڙ 2 لک 47600 ڪيوسڪ ريڪاڊ ڪيو ويو، ڊيم جي سطح 1526.18 فوٽ ريڪارڊ ڪئي وئي. هوڏانهن ڪابل نديءَ ۾ لاٿ بعد سنڌوءَ ۾ 40600 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو هو. ڪالاباغ بئراج وٽ وهڪرا گهٽجي 2 لک 49900 ۽ چشما بئراج وٽ 2 لک 11282 ڪيوسڪ تي پهچي ويا. جڏهن ته تونسا بئراج وٽ ڪجهه واڌ بعد مٿانهون وهڪرو 4 لک 11930 ۽ هيٺاهون وهڪرو 3 لک 98930 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته گڊو بئراج تي اپ اسٽريم ۾پاڻي وهڪرا وڌي 3 لک 53887 ۽ هيٺاهين پاسي 3 لک 15588 ڪيوسڪ تي پهچي ويا، ساڳئي ريت سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 253887 ۽ هيٺاهون وهڪرو 211800 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 69990 ۽ هيٺاهون وهڪرو 26045 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. هوڏانهن پنجند وٽ پنجاب جي دريائن مان آيل 21066 ڪيوسڪ پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرايو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے