لاھور:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)پي ٽي آءِ جي چيف آرگنائيزر عاليه حمزه علي امين گنڊاپور جي تحريڪ واري اعلان تي سوال اٿاري ڇڏيا، عاليه حمزه چيو آهي ته باني جي آزادي لاءِ ڪهڙي لائحه عمل جو اعلان ٿيو آهي؟ سوال اهو به آهي ته تحريڪ ڪٿان ۽ ڪيئن هلندي؟ 5 آگسٽ جي مقابلي ۾ 90 ڏينهن جو پلان ڪٿان آيو؟. واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيف آرگنائيزر عاليه حمزه کي لاهور ۾ ٿيندڙ پارٽي اجلاس ۾ نظرانداز ڪيو ويو، کيس نه گهرايو ويو، جنهن تي هن تحريڪ تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، ذريعن موجب عاليه حمزه کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ جون به ڪوششون جاري آهن، عاليه حمزه کي چيو ويو ته هي پارليامينٽرينز جو اجلاس آهي جنهن ڪري اوهان کي نٿو گهرائي سگهجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language