welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

واپارين جو سموري ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان: ناڻي واري وزير ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي

ڪراچي:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)وفاقي ناڻي واري وزير سموري ملڪ جي سمورن چيمبرز ۽ ايسوسيئيشن کي ڳالهين جي لاءِ 15 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو. ڪراچي ۾ اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته 19 جولاءِ جي هڙتال بابت سمورن چيمبرز ۽ ايسوسيئيشن جو موقف به ٻڌنداسين ۽ پنهنجو موقف به سمجهائينداسين، سمورن چيمبرز کي موجوده قانون جي حوالي سان پڙهي اچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان موجوده قانون ۾ سيلز ٽيڪس فراڊ ۽ ٻين تي ڪيترائي سيف گارڊز لڳايا آهن. 5 ڪروڙ کان وڌيڪ جي بي ضابگي تي گرفتاري جي لاءِ ڪمشنر يا 3 رڪني ايف بي آر بورڊ جي اجازت لازمي هوندي. محمد اورنگزيب واضح ڪيو ته ايف بي آر جي اختيارن جو انڪم ٽيڪس سان ڪوبه تعلق ناهي، ايف بي آر جي اضافي اختيارات تي چيمبرز جي صدر سان اهم ملاقات سڀاڻي ٿيندي ۽ انهن کي به سمجهائينداسين. ايف بي آر جا اضافي اختيار 5 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ سيلز ٽيڪس غبن ڪندڙ فرد تي لاڳو هوندا. هن چيو ته ايف بي آر جي اضافي اختيارن جي خلاف پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي. ايف بي آر جي اضافي اختيارن تي چيمبرز جي صدر سان اهم ملاقات سڀاڻي ٿيندي، انهن کي به سمجهائينداسين، ايف بي آر جا اضافي اختيار 5 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ سيلز ٽيڪس غبن ڪندڙ فرڊ تي لاڳو هوندا. هن چيوته ايف بي آر جي اضافي اختيارن جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. ايف بي آر جي اضافي اختيارن کي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي مشاورت سان اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويو ۽ اضافي اختيار سيلز ٽيڪس فراڊ کي روڪڻ جي لاءِ لاڳو ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته اڄ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ ڪمرشل بينڪن جي صدر سان ملاقات ٿي، پاڪستان ۾ پائيدار ترقي جي لاءِ بينڪن جي ڪردار تي اجلاس ٿيو، جيترو مالياتي اسپيس هو ايترو رليف پگهاردار طبقي کي ڏئي چڪا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جو مالياتي منظرنامو بهتر ٿيو جنهن سبب بينڪن جي ليڪويڊيني وڌي آهي، بينڪن طرفان هاڻ نجي شعبي کي قرضن ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي، زرعي شعبي سان گڏوگڏ ايس ايم ايز فنانسنگ ۾ بهتري آئي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته نجڪاري ڪميشن کي 243 ايس او ايز جي نجڪاري جي حوالي ڪيو ويو آهي، نجڪاري خاص طور تي پي آءِ اي جي حوالي سان بينڪن جو اهم ڪردار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته بيمار صنعتن جي بحالي ۾ بينڪن کي اسپانسرز سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، خساري ۾ ويندڙ رياستي ادارن جي بحالي لاءِ گڏيل قدم کنيا وڃن. پاڪستان جو بينڪنگ سيڪٽر ملڪي معيشت کي سپورٽ ڪري رهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے