welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاهور: سرن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجڻ سبب پيءُ ۽ پٽ فوت

لاھور:(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)ڪينال روڊ تي مسلم ٽائون ويجهو سرن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي اونڌي ٿي وئي. پوليس موجب، مسلم ٽائون ۾ جناح انڊر پاس ويجهو موٽرسائيڪل سوارن کي بچائڻ دوران سرن سان ڀريل هڪ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي اونڌي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرالي تي سوار چار مزدور فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب، حادثي ۾ ٻه مزدور فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فوت ٿيندڙ هڪ پيءُ ۽ پٽ هئا. جڏهن ريسڪيو ٽيم سرون هٽايون ته مزدور احمد ۽ رياض اڳ ئي فوت ٿي چڪا هئا، جڏهن ته ڊرائيور اسامه ۽ مزدور ريحان زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ لاشن کي مرده خاني ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے