راولپنڊي :(اڱارو 15 جولاءِ 2025ع)پنجاب جي شهر پنڊي گهيب ۾ هڪ ماءُ، ڌيءَ ۽ پٽ هڪ تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا.
جيو نيوز موجب، اهو واقعو اٽڪ ضلعي جي شهر پنڊي گهيب جي پارانا علائقي ۾ پيش آيو، جتي بدقسمتي سان ماءُ ۽ ٻه ٻار ٻڏي ويا.
اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته عورت ٻڏندڙ ٻارن کي بچائڻ لاءِ تلاءَ ۾ ٽپو ڏنو هو، پر تلاءَ ۾ پاڻي اونهو هو ۽ ٽئي ٻڏي ويا.
واقعي کان پوءِ، پوليس لاشن کي تحصيل هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language