welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خيرپور: واٽس ايپ تي الزام تراشي تان مڙس زال قتل ڪري ڇڏي، آپگهات جي ڪوشش، زخمي

خیرپور:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)خيرپور ۾ جوابدار تيز ڌار اوزار سان پنهنجي گهر واري 6 ٻارن جي ماءُ جو ڳلو ڪپي ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، مڙس طرفان زال کي مارڻ بعد پاڻ مٿان به وار ڪري آپگهات جي ڪوشش، سخت زخمي، لاڙڪاڻو اسپتال منتقل، خبر موجب خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڏٻر محلي ۾ جوابدار سليم ميتلو پنهنجي گهر واري 6 ٻارن جي ماءُ مسمات ڪائنات مٿان تيز ڌار اوزار سان وار ڪري سندس ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي بعد جوابدار پاڻ مٿان به وار ڪري آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، واقعي جو اطلاع ملڻ کانپوءِ حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش ۽ سندس زخمي مڙس کي کڻائي سول اسپتال خيرپور پهچايو، جتي جوابدار جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن مقتول عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي طور واقعي بابت معلوم ٿيو آهي ته جوابدار سليم ميتلو واٽس ايپ تي ٺهيل هڪ گروپ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ طرفان سندس گهر واري بابت الزام تراشي ڪرڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي زال کي قتل ڪيو ۽ پاڻ به مارڻ جي ڪوشش ڪئي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے