welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر: ٽائون ڪميٽي فقيرآباد جي ليڊي ميمبر سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس

سکر:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)خيوپورضلعي جي ٽائون ڪميٽي فقيرآباد جي ليڊي ميمبر ۽ سماجي اڳواڻ پ پ ورڪر صنم راڄپر سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ٽائون ڪميٽي چيئر مين جي ڪرپشن خلاف سنڌ هائي ڪورٽ بينچ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي عدالت کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جڏهن ته چيئرمين ٽائون ڪميٽي فقير آباد خلاف عدم اعتماد جي رٿ جمع ڪرائڻ سان کانپوءِ ٽائون ڪميٽي چيئرمين انتقامي ڪاروائون ڪندي منهنجي گهر مٿان پوليس ريڊ ڪرائي ڀاءُ کي ڪوڙي ڪيس ۾ جيل حوالي ڪرائي ڇڏيو آھي ۽ مونکي اغوا ڪرائي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران سخت تشدد ڪيو ويو هٿ ۾ فيڪچر ٿي ويو آھي. صنم راڄپر چيو ته منظور حسين وساڻ رابطو ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي آھي پر ٻئي ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو، صنم راڄپرپ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻي قيادت ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽس وٺي انصاف ۽ تحفظ ڏيارڻ سميت جاچ ڪرائي ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے