welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪرپشن جي جوابدار کي 29 سال قيد جي سزا، 21.5 ملين رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)اسپيشل جج سينٽرل راولپنڊي هڪ بدعنواني جي ملزم کي 29 سال قيد ۽ لکين رپين جو جرمانو ڪيو. ايف آءِ اي موجب، اسپيشل جج سينٽرل راولپنڊي هڪ بدعنواني جي ملزم کي 29 سال قيد جي سزا ٻڌائي. ايف آءِ اي جي ترجمان چيو ته عدالت ملزم پوسٽ ماسٽر حامد تي 20,010,000 رپيا جرمانو پڻ لاڳو ڪيو. عدالت ملزم کي پوسٽل ڊپارٽمينٽ کي 21,525,194 رپيا ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. ايف آءِ اي ترجمان موجب، ملزم پينشن سيونگ بڪ ۾ 35,296,000 رپين کان وڌيڪ جون جعلي داخلائون ڪيون هيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے