گاجي کھاوڙ:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)ڌامراهه واهه جي گهاري کي ٽي ڏينهن گذري ويا، پر ڳوٺ کڏھري ۽ زمينن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي،
جڏھن ته ڳوٺ کڏھري جي گهرن ۾ هن وقت به پاڻي داخل ٿي ويو آهي پر ڊي سي قمبرشهدادڪوٽ جي واعدي بعد پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي.
ڳوٺاڻن چيو ته ڊي سي قمبرشهدادڪوٽ امداد ابڙو ٽي ڏينهن اڳ هتي آيو، ۽ چيو ته پاڻي نيڪال ڪرائينداسين پر ٽي ڏينهن گذري ويا پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو.
جڏهن ته هن وقت تائين گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيل آھي.
لکين روپيه خرچ ڪري سارين جو فصل پوکيو هو اهو فصل ٻڏي تباها ٿي ويو آھي.
جڏھن ته ڊي سي قمبر شدادڪوٽ طرفان اهيو چيو ويو هيو ته جيڪي زميون ٻڏي ويون هيون انهن جي سروي ڪرائي ازالو ڪيو ويندوو پر سروي به هن وقت تائين ناهي ڪئي وئي.
هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺ جو پاڻي نيڪال ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language