مورو:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)ايريگيشن روھڙي ڊويزن جي ملازمن پاران انجنيئر افتخار لانگاھ ۽ سپريڊنٽ انجنيئر روھڙي سرڪل حيدرآباد غلام مجتبي ڌامراھ جي ناجائزين خلاف روھڙي ڊويزن جي آفيس اڳيان ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آھي.
احتجاجي مظاهرو جي اڳواڻي حبيب الله سولنگي، مشتاق سنگراسي، غلام مصطفي سولنگي، حافظ بلاول لاکو، در محمد عالماڻي، سليم ملاح ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا.
ملازمن جو چوڻ ھو ته انجنيئر افتخار لانگاھ جبري طور تي ملازمن کي بدلي ڪري ڏوراھن علائقن ڏانھن موڪلي رھيو آھي. جڏھن ته عربن کربين روپين جي ڪرپشن ڪرڻ باوجود انجنيئر طرفان ملازمن سان ناجائزيون ڪيون پيون وڃن.
بندن جي مرمت شاخن جي نئي سر تعمير لاءِ آيل بجيٽ پڻ ھڙپ ڪئي وئي آھي.
ملازمن پاران نيب ايف آئي آر سميت اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ڪيو ويو آھي، ته نوٽيس وٺي انجنيئر جي ڪرپشن خلاف انڪوائري ڪئي وڃي ۽ ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي.
ملازمن پاران پوري ڊويزن اندر ڪم ڇڏي هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language