welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وڳڻ: قديمي ڳوٺ جديد دور ۾ به بنيادي سھولتن محروم بڻيل

وڳڻ:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)يوسي آباد ڪلھوڙي جو قديمي ڳوٺ علي اصحابو جديد دور ۾ به بنيادي سھولتن محروم بڻيل آهي. تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي مير عامر مگسي ايم پي اي نوابزاده برحان چانڊيو ۽ يوسي آباد ڪلھوڙا جي چيئرمين عامر ڪلھوڙو جي بي ڌياني سبب ڳوٺاڻا گھرن جي پاڻي جي نيڪال جو سسٽم نه ھئڻ ۽ گذريندڙ مک رستو پڪو نه ھئڻ ڪري سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن. جڏھن ته روڊ رستا پڪا نه ھئڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارو سسٽم نه ھئڻ ڪري ڳوٺ علي اصحابو واسي جديد دور ۾ به پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن. جڏھن ته گذريل ڏينھن پيل برسات ڳوٺاڻن لاءِ رحمت بدران زحمت بڻجي وئي. ڳوٺاڻن عبدالغفار تنيو، نياز تنيو، عبدالوحيد تنيو ۽ ٻين چيو ته اسانجو ڳوٺ وارھ تعلقي جي يوسي آباد ڪلھوڙا جو وڏي آبادي وارو قديمي ڳوٺ آھي. ھتان ھر دور ۾ پ پ پ جا نمائندا اليڪشن کٽندا آھن پر ان باوجود به اسانجي ڳوٺ جي اڌ آبادي بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آھي، جڏھن ته اسان سڀئي پ پ پ جا ووٽر آھيون ان باوجود به اسانکي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. اسان جي ڳوٺ ۾ گھرن جي گندي پاڻي جو نيڪال وارو سسٽم نه ھئڻ ڪري گندو پاڻي گھرن اندر تلاءَ جي شڪل ۾ بيٺو رھي ٿو. جڏھن ته گذر گاھ جو رستو پڪو نه ھئڻ ڪري برسات پوڻ بعد اسان گھر کان ٻاھر به نٿا نڪري سگھون. ھنن چيو ته ساڳئي ئي رستي تي ڳوٺ جي جامع مسجد پڻ آھي جنھنجي اڳيان ھر وقت نيڪال جو گندو پاڻي موجود رھي ٿو جتان گذرڻ دوران نمازين جا ڪپڙا خراب ٿين ٿا. جڏھن ته بنيادي سھولتون ميسر نه ھئڻ ڪري ھتان جا رھواسي عذيت واري زندگي گذاري رھيا آھن. ڳوٺاڻن تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي مير عامر مگسي، ايم پي اي نوابزاده، برحان چانڊيو، ۽ يوسي چيئرمين عامر ڪلھوڙو کان مطالبو ڪيو آھي، ته کين نيڪال لاءِ ناليون ۽ پڪو رستو ٺھرائي ڏنو وڃي ته جيئن اھي بھتر نموني زندگي گذاري سگھن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے