
سامارو:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي عمرڪوٽ ضلعي سميت سڄي سنڌ مان زمينون ڪمپني کي الاٽ ڪرڻ خلاف سامارو ۾ پريس ڪلب کان شاھ لطيف چوڪ تائين هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ريلي جي اڳواڻي جسقم شھيد بشير خان مرڪزي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، جميل احمد ڌونڪائي، عبدالستار چانڊيو، سرائي غلام نبي خاصخيلي، طفيل ڀرڳڙي، صاحب خان کوسو، سنڌ شاگرد سڀا جو مرڪزي اڳواڻ اياز ڪالرو جسقم ميرپورخاص ضلعي آرگنائيزر حزب الله لغاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.
ريلي سامارو شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي، جڏهن شاھ لطيف چوڪ پهتي ته جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي.
انهي موقعي تي جسقم شهيد بشير قريشي جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمين ڪمپني کي الاٽ ڪئي وئي آھي.
جڏهن ته ان ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي به هڪ لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين شامل آهي، جنهن خلاف 29 جولاءِ تي عمرڪوٽ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو.
هن چيو ته ڪارپوريٽنگ رٿا ۽ سنڌو دريا تي اڏجندڙ ڪئنال رٿا سنڌ لاءِ ڪاريهر نانگ مسل آهن، جنهن خلاف سنڌ نه اٿي ته اسان جي نسلن کي ان جو نقصان ڀوڳڻو پوندو.
هن چيو ته عمرڪوٽ ۾ 29 جولاءِ تي هر صورت ۾ ڌرڻو لڳندو.
انهي موقعي تي پنهل ساريو، جميل ڌونڪائي، عبدالستار چانڊيو، صاحب خان کوسو، سرائي غلام نبي خاصخيلي به خطاب ڪيو.
هوڏانهن جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي شهيد رضا محمد بنگلاڻي چوڪ تي قومي جهنڊي جي پرچم ڪشائي پڻ ڪئي وئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language