welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سڪرنڊ: ھلندڙ غير قانوني ايل پي جي ڊيپو تي ڇاپو، ڊيپو سيل

سڪرنڊ:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ رميز راجا پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪري قومي شاھراھ ڀرسان ھلندڙ غير قانوني ايل پي جي ڊيپو تي ڇاپو ھڻي ڊيپو کي سيل ڪري ڇڏيو آھي. جڏهن ته اتي موجود 6 ماڻھن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آھي. اي سي رميز راجا ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کي ڳجھو اطلاع مليو، ته قومي شاھرھه تي ايل پي جي جو غيرقانوني ڊيپو قائم ڪيو ويو آھي. ڊيپو ھلائيندڙ وٽ منسٽري آف پيٽروليم جو ڪوبه لائسنس يا پرمنٽ ناھي، انڪري ڊيپو کي سيل ڪري 6 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آھي. جن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے