welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪمپيوٽرائزڊ ايف آءِ آرون غلطان آهن، جاچ آفيسر جي حالت ڏسو، انصاف ڪيئن ٿيندو؟ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ کي روڪي ورتو، عدالت پاران مختلف هنڌن تي تحقيقات ٿيڻ ۽ پوليس جي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جسٽس ذوالفقار سانگي چيو ته جهڙي طرح پوليس ڪم ڪري رهي آهي انصاف ڪيئن فراهم ڪندئو؟ اها حالت ڏسي ڏک ٿي رهيو آهي، جاچ آفيسرن کي ٽريننگ ڏيو، اهو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ ٻڌڻي دوران آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته لا آفيسرن، پراسيڪيوٽرز ۽ ميڊيڪو ليگل جي ٽريننگ جو عمل جاري آهي، تحقيقاتي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ جاچ آفيسرن لاءِ شارٽ ڪورسز ڪرائي رهيا آهيون، جنهن تي عدالت چيو ته اسان ڪمپيوٽرائزڊ ايف آءِ آرز وٺڻ بند ڪيون آهن، جيڪو ڪجهه مينيوئل ايف آءِ آر ۾ لکيل هوندو آهي، اهو ڪمپيوٽرائيزڊ ۾ ناهي هوندو، مينيوئل ايف آءِ آر ۾ 10 گرام ڪمپيوٽرائزڊ ايف آءِ آر ۾ 3 گرام منشيات لکيل هوندي آهي، ڪمپيوٽرائيزڊ ايف آءِ آر ۾ حقيقتون بلڪل الڳ لکيل هونديون آهن، جنهن تي آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪافي بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، آءِ ٽي سيڪشن ۾ ويٺل ماڻهو به ڪافي پراڻا آهن، عدالت چيو ته اهڙي طرح ڪيس خراب ٿيڻ تي اسان چيف سيڪريٽري کي لکيو آهي, حيدرآباد جو ڪيس اسان جي سامهون آيو آهي، پوليس سيڪشن 694 تحت ئي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو, جڏهن هڪ عورت چئي رهي آهي ته سندس مڙس فوت ٿي ويو آهي، اوهان معاملن کي ڏسو، جهڙي طرح جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي سامهون اچي ٿي، اسان اها ڏسي مجبور ٿي ٿا وڃون, ان موقعي تي آءِ جي سنڌ عدالت کي جاچ آفيسرن ۽ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جو يقين ڏياريو

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے