
ڳڙھي حسن:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)ڳڙھي حسن جي ٻچڙو اسٽاپ ويجھو نامعلوم موٽرسائيڪل سوار 3 ھٿياربندن ڳوٺاڻي محمد زمان کان موٽرسائيڪل ۽ 30 ھزار روڪ رقم ڦر ڪئي، اطلاع تي پوليس جوابدارن جو پيڇو ڪيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ھٿياربندن ڦر ٿيل موٽرسائيڪل کي گوليون ھڻي پ پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي جي ڳوٺ ڳڙھي حسن سرڪي فرار ٿي ويا، ايس ايچ او دلمراد اشتاق احمد پٺاڻ، اھلڪار اياز لاشاري، اعجاز ٽانوري، نومي پٺاڻ سميت 3 اھلڪارن محمد علي سرڪي جي گھر تي چڙھائي ڪئي ته گھر ڌڻين پوليس کي يرغمال بڻائي مبينا طور سخت تشدد بعد سرڪاري ھٿيار موبائيل فونون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو،8 ٿاڻن جي پوليس نفري کي طلب ڪري گھر ٻاھران پڪٽ قائم ڪري پوليس گھر اندر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ويھي رھي ٻن ڪلاڪن بعد بااثر شخص جي مداخلت بعد اھلڪارن کان ڦر ٿيل سرڪاري ھٿيار ۽ ٻيو سامان واپس ڪيو ويو، پنجن ڪلاڪن بعد گھر ڌڻي محمد علي سرڪي جي پوڙھي امڙ پاڪ ڪتاب کڻي اچڻ تي ۽ ٻن ڏينھن جي مھلت بعد جوابدارن کي پوليس اڳيان پيش ڪرڻ واري خاطري بعد پوليس گھر ٻاھران پوليس پڪٽ ختم ڪري رواني ٿي وئي. دلمراد ٿاڻي جي ايس ايچ او اشتعاق احمد پٺاڻ موجب ڦورن جي گرفتاري لاءِ ڳڙهي حسن پهتاسين، مارجي ويل ڏوھاري ٻڌي سرڪي جي ڀاءُ محمد علي سرڪي جي گھر تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙھائي ڪئي ته اسان تي تشدد ڪري سرڪاري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ڦريو ويو.
پنهنجي ڳوٺ ۾ ڏوهاري يا لوفر کي برداشت نه ڪندس: سهراب سرڪي
جيڪب آباد: ڳڙهي حسن سرڪي ۾ ايس ايچ او سميت ٽن اهلڪارن کي يرغمال بڻائي هٿيار ڦر ڪرڻ کان پوءِ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جو موقف سامهون اچي ويو آهي، ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڳوٺ ۾ پوليس اهلڪارن تي تشدد ٿيو، ايس ايس پي سان ڳالهائي ڏوهارين خلاف ڪارروائي لاءِ چيو آهي، پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪنهن به ڏوهاري يا لوفر کي برداشت نه ڪندس پوليس ڪجهه نه ڪيو ته آئون ڏوهارين کي سزا ڏيندس، هن چيو ته اڳي بدنام ڌاڙيل ٻُڍي سرڪي سبب علائقي جون حالتون خراب ڪيون هيون هاڻي وري ان جي ڇوڪرن اهو ڪم شروع ڪيو آهي، ٻڍي سرڪي جي ڀائر ۽ پٽن کي ان شرط تي ڳوٺ ۾ رهڻ ڏنو هو ته اهي ڏوهه نه ڪندا هاڻي انهن کي برداشت نه ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته ڏوهارين خلاف بلڪل ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن منهنجي اوطاق ۾ ڏوهاري لڪيل هجي ته ان کي به سندس پوليس گرفتار ڪري وڃي، ڪجهه وقت اڳ منهنجي پٽ محسن سرڪي عام ڳوٺاڻي کان موٽرسائيڪل ڦر ٿيڻ کانپوءِ ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪايو ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي هئي ۽ غريب ٻڍڙي جي ڪنن کان واليون لاهڻ تي ڏوهارين کي گرفتار ڪرايو هو، هاڻي به ايس ايس پي کي اختيار ڏئي ڇڏيا آهن ته علائقي ۾ ڏوهارين خلاف وٺ پڪڙ ڪري امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻايو وڃي.
پوليس بنا جواز گهر ۾ گهڙي آئي، پورهيو ڪندا آهيون: محمد علي سرڪي
ڳڙهي حسن: محمد علي سرڪي سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته شرافت واري گندگي گذاري رهيا آهيون، مزدوري ڪندا آهيون، پوليس بنا جواز اسان جي گهر ۾گهڙي آئي، اسان جي خلاف سياسي بنيادن تي ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن، معاملي جي انڪوائري ڪرائي وڃي.
هٿيار واپس مليا آهن، جوابدار پيش ڪرڻ جي خاطري تي پڪٽ ختم ڪئي: ڊي ايس پي
ڳڙهي حسن: ڊي ايس پي ڳڙھي حسن موجب پوليس کان ڦر ٿيل سرڪاري ھٿيار ۽ ٻيو سامان واپس ڪيو ويو آھي، ٻن ڏينھن جي مھلت بعد گھر ڌڻين جوابدارن کي پوليس وٽ پيش ڪندا، جنهن بعد پوليس پڪٽ ختم ڪئي وئي.
واقعي جو 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، گرفتاري نه ٿي سگهي
ٺل: اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪاري جي فرياد تي اي ايس آءِ عبدالستار اوڍو جيفرياد تي مارجي ويل اڳوڻي جوابدار ٻڍو سرڪي جي ٻن پٽن خان عرف مجاهد سرڪي ۽ امان الله عرف امانو سرڪي سميت هڪ نامعلوم مٿان داخل ڪيو ويو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language