welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

زبون حال عمارتن جو سروي جلد مڪمل ڪريو: سعيد غني

ڪراچي:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)سنڌ حڪومت خطرناڪ قرار ڏئي خالي ڪرايل 59 عمارتن جي رهواسين جي مستقل بحالي لاءِ هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪئي آهي، ان حوالي سان مڪاني وزير سعيد غني لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته صوبي ۾ 740 زبون حال ۽ خطرناڪ عمارتن جو سروي جلد مڪمل ڪيو وڃي. ڪالهوڪي اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد کوسو ٻڌايو ته لياري ۽ صدر زون ۾ تباهه ٿيل عمارتن جي ٻيهر سروي شروع ڪئي آهي. متاثرن ۽ خالي ڪرايل 59 عمارتن جي حيثيت بابت مڪمل رپورٽ پڻ مرتب ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سڀني متاثر ۽ تباهه ٿيل عمارتن جي سروي جلد مڪمل ڪئي وڃي، خالي ڪرايل 59 عمارتن جي رپورٽ هڪ هفتي اندر جمع ڪرائي وڃي ته انهن عمارتن کي ٻيهر ڪيئن تعمير ڪري سگهجي ٿو؟ سعيد غني چيو ته صوبي ۾ خراب يا خطرناڪ قرار ڏنل 740 عمارتن بابت صوبي جي سڀني پارلياماني پارٽين مان هڪ هڪ ميمبر کي خاص طور تي اجلاس ۾ دعوت ڏني ويندي ۽ انهن کي ڪاميٽي پاران کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويندو، هن ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ کي هدايت ڪئي ته اهي عدالت پاران هدايت ڪيل 7 عمارتن جي ٻيهر سروي ۽ متاثرين جي بحالي بابت رپورٽ عدالت آڏو پيش ڪن. صوبائي وزير سنڌ بلڊنگ جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ متاثرن جي بحالي بابت تجويزون ۽ قانونسازي جو مسودو پيش ڪن، اهي غير قانوني اڏاوت کي روڪين.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے