ڪنڊيارو:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)محبت ديرو ۾ مبينا قتل ٿيل ناري فائزه چنو ڪيس ۾گرفتار جوابدارن لال ڏنو ۽ عبدالجبار چنو کي ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ٻنهي جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ناري جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ وڏيرو گرفتار نه ٿي سگهيو، نه وري ان کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو ويو آهي. ان سلسلي ۾ جاچ ڪاميٽي جي هڪ ميمبر پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته وڏيري جي گرفتاري جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، وڏيري کي جلد گرفتار ڪري جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو. محبت ديرو مان گذريل رات ناري فائزا چنو واري ڪيس جي سلسلي ۾ ايس ايس پي پاران واقعي جي جاچ لاءِ سب ڊويزنل پوليس آفيسر ڪنڊيارو عبدالمجيد آرائين، سب ڊويزنل پوليس آفيسر محرابپور اظھار حسين لاھوري ۽ ايس ايچ او ڪنڊيارو اسد النبي کچي تي مشتمل ٽي رڪني تحقيقاتي ٽيم محبت ديرو ۾ پوليس نفري سان گڏ پھچي وڏيري عزيزالله ڏھراج جي ڀاءَ شاھزيب ڏھراج کي جاچ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي جنھن کي پڇاڳاڇا بعد آزاد ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language