welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڏيڍ سال ۾ ڇھه ايس ايس پي بدلي ٿيا، شايد هدف پورو نٿا ڪن: مرتضيٰ جتوئي

مورو:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)مورو ڀرسان پولنگ اسٽيشن تي حملو، بلاول زرداري قتل ڪيس ۽ دادو ضلع جي اميناڻي پوليس تي حملي واري ڪيس جي دھشتگردي ٽوڙ خاص عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. نيشنل پيپلزپارٽيءَ جو سربراھه غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ٻاھران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ھئا. جج موڪل تي ھجڻ سبب بلاول زرداري قتل ڪيس جي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين، جڏھن ته اميناڻي پوليس تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي 31 جولائي تائين ملتوي ڪئي وئي. اين پي پي سربراھ غلام مرتضيٰ جتوئي عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سي ايس پي آفيسر گھرو وزير جا ماتحت ضرور آھن. پر سي ايس پي آفيسر کي ڪنھن به وزير جي غلط ڳالهه نه مڃڻ گھرجي. ھن چيو ته ڏيڍ سال ۾ ڇھه ايس ايس پي بدلي ٿيا آهن. شايد ايس ايس پي هدف پورو ڪري نه ٿا سگھن. ھن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي انتھا آھي. موٽروي جا ساڍا چار ارب نڪري ويا، تڏھن به خير آھي. اڳ بلوچستان ۾ ڪاغذن ۾ ڪم ٿي ويندا ھئا. ھاڻي سنڌ اندر ڪاغذن ۾ ڪم ٿي رھيا آھن. ھن چيو ته پوليس جڏھن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۾ پوري آ، ته ڪرائم تي ڪنٽرول ڪيئن ٿيندو؟ ھن چيو ته انڊونيشيا سرڪاري دوري تي ويس ته ايمبسڊر ٻڌايو ته پوليس کي پروٽوڪول لاءِ پئسا ڏنا آھن. ساڳي صورتحال ھتي به ٿيندي پئي وڃي. اڳ ۾ پنج سيڪڙو ڪرپشن ھوندي ھئي. ھاڻي ته ڪرپشن جا پئسا سڌا بئنڪن مان ڪڍيا پيا وڃن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے