welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بابا جي قاتلن لاءِ در بند : اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد ناهي، جلد پارٽي جو اعلان ڪبو: ذوالفقار جونيئر

لاڙڪانه:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)پ پ (ش ڀ ) جي شهيد چيئرمين مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار ڀٽو جونيئر واضح ڪيو آهي ته آئون اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي سياست ۾ نه ٿو اچان، اسٽيبلشمنٽ اسان جي خاندان تي ظلم ڪيا، پيپلزپارٽيءَ جا ماڻهو رابطي ۾ آهن، سندن نالا نه کڻندس، غدار ناهيان جو والد جي قاتلن سان گڏ ڪم ڪريان، آئين ۾ جيڪي به ترميمون ڪيون ويون، اهي قبول ناهن، فاطمه جلد ڏيهه ايندي، جنهن بعد نئين پارٽي جو اعلان ڪنداسين: ڪالهه هتي 70 ڪلفٽن تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي سياست ۾ اچي رهيو آهيان، اسٽيبلشمينٽ اسان جي خاندان سان ظلم ڪيا، اهي تڪليفون اسان کان ڪڏهن به نه وسرنديون، هن چيو ته اسان شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، قاتلن سان گڏ ڪم ڪرڻ غداري برابر آهي، وطن پرست ۽ سنڌ پرست هئڻ سان گڏ اسان گهڻ قومي ماڻهو آهيون، اٽي، لٽي، اجھي سان گڏ گئس بجلي ۽ برابري جي ڳالهه ڪريون ٿا، آئين ۾ جيڪي به ترميمون ڪيون ويون، اهي قبول ناهن، آئين کي اصل روپ ۾ اچڻ گهرجي. ھن چيو ته مون لاھور ۾ سياسي پارٽي ٺاھڻ جو اعلان ڪيو هو، پارٽي جو شھيد ڀٽو نالو سٺو آھي پر ماڻهن انهي نالي تي دڪانداري شروع ڪئي، اهي شھيد ڀٽو جي نالي تي ڀتا وٺي رھيا ھئا ھئا اسانکي انهي مان نڪرڻو پوندو، آئون شھيد جو اولاد آھيان نظريا نالي سان نه پر دل ۾ ھجن ٿا، اسان حق پرست آھيون ۽ نوجوانن تي ڀروسو آھي نوجوانن سنڌو درياءَ تي ڪم ڪيو، 1967ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن سياست ڪئي تڏهن به شاگرد تيار ھئا، انھن کي جنهن گاڏي جي ضرورت ھئي. ذوالفقار علي ڀٽو اھا مھيا ڪئي، ھن وقت به نوجوانن لاءِ منهنجا ڪلھا حاضر آھن، گڏجي ھلنداسين، ھن چيو ته اسين ھن نظام جي خلاف آھيون، ڪنهن شخص جي خلاف ناھيون، زرداري ليگ ۽ پ پ ته ھڪ چھرو آھي، اسين سٺا ڪم پنهنجي دل ۾ رکي ويٺا آھيون، جلدي انھن جو اعلان ڪنداسين، هنن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن مان مطمئن ناھيان، انھن جي ماحولياتي پاليسي سٺي ناھي ،هن چيو ته منهنجي والد جي واپسي تي تمام گهڻيون رڪاوٽون وڌيون ويون، بعد ۾ کيس شھيد ڪيو ويو، آئون پ پ سان گڏجي ڪم ڪڏهن به نه ڪندس، هن چيو ته ريحام خان ۽ اسين سڀ ميدان ۾آھيون، هو به سياست ڪري پئي، هو ملڻ چاھيندي ته ملي وٺنداسين، هن چيو ته پ پ لفظ انھي ڪري نٿو استعمال ڪريان ته پارٽي ھاءِ جيڪ ٿي وئي آهي، اسان زرداري ليگ کان انڪار ڪريون ٿا ته اھي عوام لاءِ ڪم نٿا ڪن، هڪ سوال جي موٽ ۾ هن چيو ته پ پ مان رابطو ڪندڙن جا نالا ٻڌائينداسين ته انھن کي شوڪاز ملي ويندو، هن چيو ته اسان وٽ 4 لک ميمبرشپ ٿي چڪي آھي، پارٽي جو نالو اڃا طئه ناھي ڪيو ، هن چيو ته لياري جا ماڻهو چوندا ته ھتان به چونڊ وڙھندس.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے