welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڊاڪٽر شاھنواز قتل: پوليس وٽ داخل ايف آءِ آر ختم، ڪيس هاڻي ايف آءِ اي وٽ هلندو

میرپورخاص:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي پوليس وٽ داخل ايف آءِ آر ختم، ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر برقرار، خبر موجب ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا وڪيل پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران عدالت سڳوري ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 47 کي ختم ڪري، ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 21 کي برقرار رکي ڇڏيو آھي، جڏھن تھ ڪيس جي ٻڌڻي 13 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي آھي. ان ڏس ۾ عدالت ٻاھران ڳالھائيندي ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀار چيو ته ھن ڪيس جي ھڪ ايف آءِ آر سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ھئي، پر جڏھن جاچ ايف آءِ اي حوالي ٿي ته انھن پڻ پنھنجي طرفان ھڪ ايف آءِ آر داخل ڪئي ھئي. ھن چيو ته عدالت سڳوري اڄ سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر کي ختم ڪري ايف آءِ اي وٽ داخل ٿيل ايف آءِ آر کي برقرار رکيو آھي، جيڪو ھڪ سٺو قدم آھي. ھن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس ۾ جن جوابدارن رڳو سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر تحت گرفتاريءَ کان اڳ واريون ضمانتون ڪرايون ھيون، اھي به رد سمجھيون وينديون. ٻئي طرف عدالت ٻاھران ڳالھائيندي جوابدار ڌر جي وڪيل ڪامران ڀٽي چيو ته اسان جو موقف ھو ته سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ٿيل ايف آءِ آر نمبر 47 برقرار رھي پر عدالت ان کي ختم ڪري ايف آءِ اي وٽ داخل ڪيل ايف آءِ آر برقرار رکيو آھي. ھن چيو ته تفصيلي آرڊر اچڻ کان پوءِ اسان وڌيڪ ان معاملي تي ويچارينداسين . ھوڏانھن عدالت ٻاھران ڳالھائيندي پوليس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي چيو ته عدالت سڳوري رڳو پوليس پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر کي ختم ڪيو آھي، پر ھن ڪيس جي اٽڪل 70 سيڪڙو جاچ پوليس ڪئي آھي، ان ڪري اھا جاچ رپورٽ برقرار رھندي ۽ جڏھن ڪيس ھلندو ته اسان به شاھدين دوران ان ڪيس جو حصو ھونداسين.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے