welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڳرا بل ۽ لوڊشيڊنگ نامنظور: سنڌ اسيمبلي مان ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف ٺهراءُ منظور

ڪراچي:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)سنڌ اسيمبلي پ پ ايم پي اي هير سوهو، ايم ڪيو ايم جي عامر صديقي ۽ شبير قريشي پاران ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، ڪالهوڪي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي هير سوهو چيو ته ٻهراڙين ۾ 2 ڪلاڪ بجلي اچي ٿي، وري 4 ڪلاڪ گم ٿي وڃي ٿي، حيسڪو ۽ سيپڪو جي نااهلي جو نتيجو پوري ڳوٺ کي ڀوڳڻو پوي ٿو، سڙي ويل ٽرانسفارمر ٺهرائڻ حيسڪو ۽ سيپڪو جي ذميواري آهي، جنهن به ڳوٺ جو ٽرانسفارمر سڙي ٿو، ڳوٺاڻا چندو ڪري ٺهرائين ٿا، حيسڪو ۽ سيپڪو وارا ٽرانسفارمر بدلائڻ لاءِ تيار ناهن، ماڻهو بل ڏيڻ لاءِ تيار آهن پر حيسڪو ۽ سيپڪو نااهل ادارا بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته ادارن جي نااهلي سبب ماڻهو نفسياتي مريض بڻجي رهيا آهن، هڪ پکو ۽ ٻن بلبن جو بل به 50 هزار اماڻيو وڃي ٿو، هن چيو ته ايوان مان ٺهراءُ ته پاس ٿي وڃن ٿا پر انهن تي عمل نه ٿو ٿئي، ايم ڪيو ايم ايم پي اي عامر صديقي چيو ته ڇا واپاري پنهنجو ڪاروبار ۽ ڪارخانا ٻين صوبن ڏانهن منتقل ڪن؟ لاهور ۽ فيصل آباد ۾ بجلي جا اگهه گهٽ آهن پر ڪراچي ۾ بجلي مهانگي آهي، ڪي اليڪٽرڪ 20 سالن ۾ لائنين جي مرمت ناهي ڪئي، متحده ايم پي اي شبير قريشي چيو ته بجلي ڪمپنين پاران 199 يونٽ تي 28سئو ڪجهه رپين جو بل اچي ٿو، جيڪڏهن 201 يونٽ استعمال ٿي وڃن ته اهو بل 9 هزار کان مٿي ٿي وڃي ٿو، ماڻهو ڪهڙا ڪهڙا خرچ پورا ڪن؟ هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ٿيڻ گهرجي ته 200 بجاءِ 300 يونٽ تائين رعايت ڏني وڃي. پ پ ايم پي اي آصف موسيٰ چيو ته منهنجي علائقي بلديه ٽائون پي ايس 112 ۾ غريب ماڻهو رهن ٿا، اتي 12 ڪلاڪ بجلي هوندي آهي، باقي 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي نيپرا واري ڪاميٽي ۾ سنڌ جو ڪو به ميمبر ناهي، پ پ جي جميل سومرو چيو ته جتي بجلي چوري ٿيندي آهي سيپڪو وارا اتي ٽرانسفارمر لاهي ٿا وڃن، اهي غريب ماڻهن کي بليڪ ميل ڪن ٿا، ٽرانسفارمر خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻهو چندو ڪري سيپڪو وارن کي ڏيندا آهن، جنهن بعد ٽرانسفارمر جي مرمت ٿئي ٿي. ٻهراڙين ۾ شهري سولر تي بلب ٻاري ڪم هلائين ٿا. هن چيو ته اسان روز تقريرون ڪريون ٿا پر فرق نه ٿو پوي، ٻڌايو وڃي ته لاهور ۾ ڪيتري لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي ۽ ڪراچي ۾ ڪيتري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي؟ هن چيو ته سيپڪو عملدار رشوت وٺي بجلي چوري ڪرائين ٿا. هن چيو ته حڪومت ۽ قانون واري وزير کي چوندس ته انهي جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ڳالهائيندي چيو ته هتي قرارداد پيش ٿئي ٿي پر ان تي به ڪجهه نه ٿئي ته اها اسيمبلي جي ساک جي ڳالهه آھي، اسان سڀني کي پوءِ هتان (ايوان) وڃڻ گهرجي. جڏهن هتي ٺهراءُ منظور ٿئي ٿو ته ان کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪراچي مان 50 ارب جو ڀتو نه ورتو ويندو ته اهو نه ورتو وڃي. اجلاس جمعي ڏهاڙي منجهند 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. بجلي ڪمپنيون پري پيڊ ميٽر متعارف ڪرائين: شرجيل ڪراچي: سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسيمبلي مان منظور ٿيل ٺهراءَ جو بجلي ادارن تي ڪو اثر نٿو ٿئي، 18 کان 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. ڪالهه ايوان ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ماڻهن کي بجلي جي ضروت آهي، اهي پکا ۽ لائيٽون نه پيا استعمال ڪري سگهن، سنڌ حڪومت 4 لک گهرن کي سولر ڏئي رهي آهي پر اهو مڪمل حل ناهي، هن چيو ته بجلي ڪمپنيون پري پيڊ بجلي ميٽر شروع ڪن، جيڪڏهن اهي ائين نه ٿا ڪري سگهن ته عوام کي سزا ڏيڻ بند ڪن. آئون وزيراعظم کي اپيل ڪريان ٿو ته لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪرائي، جڏهن ته بجلي ڪمپنين کي پابند ڪيو وڃي ته اهي پري پيڊ ميٽر متعارف ڪرائين، سنڌ جي رانديگرن کي موقعا نه ڏيڻ تان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهائينداسين: صائمه آغا ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ راندين واري کاتي بابت سوالن جوابن دوران ايم پي اي بلقيس مختار جي سوال جو جواب ڏيندي راندين بابت پارلياماني سيڪريٽري صائمه آغا چيو ته جيڪڏهن ڪو رانديگر بيمار ٿيندو آهي ته ان جي بيماري مطابق خرچ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي آهي، رانديگرن لا اسپورٽس ڪامپليڪس موجود آهن ،ڪراچي ۾ عورت رانديگرن لاءِ سهولتون موجود آهن. اسان عورتن کي برابري جي بنياد تي سهولتون ڏيون پيا ايم پي اي قرالعين جي سوال تي پارلياماني سيڪريٽري صائمه آغا چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهائيندا سين ته رڳو پنجاب ۽ ڪي پي جي رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ موقعو ڏنو وڃي ٿو، سنڌ جي رانديگرن کي موقعو ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے