اسلام آباد:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)اوگرا پهرين آگسٽ کان ايل پي جي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب پهرين آگسٽ کان ايل پي جي ۾ 17.73 رپيا في ڪلوگرام گهٽتائي ڪئي وئي آهي، في ڪلوگرام ايل پي جي جي نئين قيمت 215.37 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
11.8 ڪلوگرام جي گهريلو ايل پي جي جي سلينڊر جي قيمت 2541.36 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جولاءِ لاءِ ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت 2750.60 رپيا في ڪلوگرام مقرر ڪئي وئي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language