welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوئيٽا: اڄ کان غير قانوني طور تي رهائش پذير افغانين خلاف ڪارروائيءَ جو فيصلو

ڪوئيٽا:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)ڪوئيٽا ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغان رهواسين خلاف اڄ کان ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڪوئيٽا جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ افغان پناهگيرن جي انخلا جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڄ کان ڪوئيٽا ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪوئيٽا چيو ته پي او آر ڪارڊ هولڊرز کي رهڻ لاءِ 31 جولاءِ جي آخري تاريخ ڏني وئي هئي. ياد رهي ته ان کان اڳ به سڄي ملڪ مان غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي واپس انهن جي ملڪ موڪليو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے