
اسلام آباد:(جمعو 01 آگسٽ 2025ع)قومي اسيمبلي جي صنعتن ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورن جي بندش تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ۽ 24 ڪلاڪن اندر صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت کان ملازمن لاءِ پيڪيج سميت اداري جي بندش بابت جامع رپورٽ طلب ڪئي.
قومي اسيمبلي جي صنعتن ۽ پيداوار واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سيد حفيظ الدين جي صدارت هيٺ ٿيو. پي پي پي ميمبر اعجاز جکراڻي هڪ تحريڪ پيش ڪئي ته هزارين يوٽيلٽي اسٽور ملازم 10 ڏينهن کان ڌرڻي تي آهن پر حڪومت انهن بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي.
ڪميٽي ميمبرن چيو ته صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير يوٽيلٽي اسٽورن کي بند نه ڪرڻ بابت اسيمبلي فلور تي غلط بيان ڏنو ۽ پارليامينٽ کي دوکو ڏنو ويو.
سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار چيو ته يوٽيلٽي اسٽورن مان ساليانو 8.5 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، ۽ ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ پيڪيج ڏنو ويندو.
ڪميٽي اسٽور بند ڪرڻ جي فيصلي تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو جڏهن وفاقي وزير رانا تنوير قومي اسيمبلي ۾ يوٽيلٽي اسٽور بند نه ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ چيو ته وفاقي وزير اسٽور بند نه ڪرڻ بابت اسيمبلي فلور تي غلط بيان ڏنو ۽ پارليامينٽ کي دوکو ڏنو ويو.
ڪميٽي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کان 24 ڪلاڪن اندر ادارن جي بندش بابت جامع رپورٽ طلب ڪئي، جنهن ۾ ملازمن لاءِ پيڪيج به شامل آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language