welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

هوسڙي: گهرو اڻبڻت تان مڙس ڪوڏر جا وار ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو، عورت جي وارثن جي تشدد سسب مڙس مارجي ويو

حيدرآباد:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)حيدرآباد جي ٻهراڙي واري علائقي هوسڙي ڀرسان مڙس پنهنجي زال کي ڪوڏر جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته مبينا طور عورت جي مائٽن جي تشدد ۾ مڙس به مارجي ويو آهي. رپورٽ موجب هوسڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پانڌي پنهور ۾ مڙس پنهنجي زال کي ڪوڏر جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي کان پوءِ عورت جي وارثن پاران مڙس کي مبينه تشدد ڪري قتل ڪيو ويو. قتل ٿيندڙ مڙس جي سڃاڻپ 55 ورهين جي علي نواز پنهور ۽ گهر واري جي سڃاڻپ 50 ورهين جي حفيظه طور ٻڌائي پئي وڃي. انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته واقعو گهريلو تڪرار تان پيش آيو آهي، هوسڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. پوليس سان رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته مارجي ويل شخص انهي کان اڳ به ٻن قتلن ۾ ملوث هو جنهن کي قتل ٿيندڙن جي وارثن پاران قتل معاف ڪرڻ تي جيل مان آزاد ڪيو ويو هو. پوليس موجب ڪنهن به قسم جي گرفتاري نه ٿي سگهي آهي، مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے