welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سانگهڙ: ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو، فائرنگ، نوجوان مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي

سانگھڙ:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)سانگهڙ ڀرسان سنجهوري ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا ڏنو شاھ ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ ۾ هڪ ڌر جو 22 ورهين جو نوجوان نياز حسين ولد موسيٰ ابڙو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا محبوب ولد گل ابڙو، حسين بخش ولد حمزو ابڙو سخت زخمي ٿي پيا. جن کي تعلقه سول اسپتال آندو ويو. جڏنهن ته جهيڙي جي 2 زخمين محبوب ابڙو ۽ حسين بخش ابڙو کي فوري طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي , انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 2 ڏينهن اڳ مال جي ڀيل تان پيش آيو هو جنهن جو فيصلو به ڳوٺ جي مسجد ۾ ٿيو هو پر اڄ وري جهيڙو خوني رنگ اختيار ڪري ويو جنهن ۾ هيل تائين هڪ ڄڻو قتل ۽ 2 ڄڻا شديد زخمي آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے