welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات، بلوچستان جي ندي نالن ۾ چاڙهه

لاھور:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات سبب روڊ رستن تي ٻيهر پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته ندي نالن ۾ پڻ چاڙهه اچي وئي آهي. پنجاب جي مختلف شهرن لاهور، ملتان، فيصل آباد، بهاوالپور، چنيوٽ، رحيم يار خان، لودهران، راجن پور، جهنگ، خوشاب ۽ سرگودها ۾ تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سنڌ جي علائقي ٿرپارڪر ۾ به تيز برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، جڏهن ته هنگو ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. موسميات کاتي اڄ به پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان، مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. انهي حوالي سان اين ڊي ايم اي پنجاب، ڪي پي ڪي ڪي ۽ بلوچستان جي لاءِ 17 جولاءِ تائين برسات ۽ امڪاني ٻوڏ جي خطري جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڪوهه سليمان جي جابلو علائقن ۾ تيز برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي، فلڊ ڪنٽرول روم موجب برساتي نالي چهاچهڙ ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي، چهاچهڙ ۾ 48 جزار 901 ڪيوسڪ جو وهڪرو گذري رهيو آهي جنهن جي ڪري برساتي ندي نالن جي لاءِ فلڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ برساتي ندي نالن جي ڀرسان آبادي کي محتاط رهڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن. فلڊ ڪنٽرول روم جي موجب ڪاها سلطان نالي مان 5 هزار 647 ۽ پٽوڪ نالي مان 4 هزار 629 ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي. زنگي نالي مان 5 هزار 547، سوري شمالي ۾ 3 هزار 340 ۽ ڪالا بگا 1340 ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے