لاھور:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته اسان هڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهي رهيا آهيون جنهن جو باقاعده جلد اعلان ڪيو ويندو.
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو اڄ به موجود آهي اسان کي اڄ وڌيڪ 3 شيون بجلي، گيس ۽ پاني به گهرجي، اسان جو نعرو جيئي عوام هوندو.
هن چيو ته زرداري گروپ جيئي ڀٽو کي ڪرپشن جو نعرو بنائي ڇڏيو، ڪارپوريٽ فارمنگ زمينن تي قبضو ڪرڻ جو منصوبو آهي، پنجاب جا هاري ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، اهي پارٽيون اڄ ڪٿي آهن، جيڪي هارين جون ڳالهيون ڪنديون آهن، جيڪڏهن سنڌ جا هاري به پنجاب جيان آواز اٿاريندا ته اسان اسلام آباد طرف گڏجي نڪرنداسين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language