اڏيرو لال:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)اُڏيرو لال اسٽيشن ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان جو لاش هٿ.
علائقي واسين لاش سلطان پور شاخ ۾ لڙھندو ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو.
پوليس لاش کڻائي رورل ھيلٿ سينٽر اُڏيرو لال اسٽيشن منتقل ڪيو ويو، جتي لاش جي سڃاڻپ پرڪاش ڪمار ولد گومو جيڪو ٽنڊو آدم جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.
وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنھن سان ڪا دشمني ناهي پرڪاش ٻه ڏينهن اڳ گھران نڪري ويو ھو، ڪافي ڳولها باوجود سندس ڪو پتو نه پئجي سگهيو هو.
ٻي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته لاش جا ھٿ پير ٻڌل ھئا وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language