welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

رتوديرو: 15 ورهين جي چري نينگريءَ سان اجتماعي ڏاڍائي جو انڪشاف

رتودیرو:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)15 ورهين جي چري نينگريءَ سان اجتماعي ڏاڍائي جو انڪشاف. گذريل ڏينهن گھران نڪري گم ٿي ويل 15 ورهين جي نينگريءَ دعا ڌيءَ علي حيدر ابڙو 24 ڪلاڪن بعد اسٽيڊيم واري علائقي مان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آئي آهي. متاثر نينگريءَ کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. نينگريءَ جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي رفر ڪيو ويو آهي. متاثر نينگري جي مامي اسد ابڙو مطابق ته نينگري چري آهي گذريل ڏينھن کان گم ٿي وئي هئي. اڄ صبح اسٽيڊيم واري علائقي مان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے