
ڪراچي:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)ناردرن باءِ پاس گلشن چوڪ محمد خان ڪالوني ۾ گهر مان ڀڄي پسند جي شادي ڪرڻ تان ڀاڻيجي ۽ مامي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي مامي کي زخمي ڪيو ويو آهي.
موٽر سائيڪل سوار جوابدار ڇوڪري کي پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا، پوليس مقتولن کي پناهه ڏييندڙن کي گرفتار ڪري جاچ ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
رپورٽ موجب منگهوپير ٿاڻي جي حد ۾ ناردرن باءِ پاس گلشڻ چوڪ محمد خان ڪالوي ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. فائرنگ جي واقعي جي اطلاع تي پوليس موقعي تي پهتي ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي، فائرنگ ۾ مارجي ويل ۽ زخمي ماڻهن کي فوري طور تي ڇيپا ايمبولينس جي ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
قتل ٿي ويلن جي سڃاڻپ 30 ورهين جو شمن علي ولد عبدل ۽ 40 ورهين جي محمد اسحاق حسين ولد بالاج جتوئي ۽ زخمي جي سڃاڻپ 45 ورهين جي حبيب ولد بالاج جتوئي جي نالي سان ڪئي وئي.
ايس ايڇ او منگهو پير عمران خان موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل شمن علي ۽ محمد اسحاق پاڻ ۾ مامو ڀاڻيجا آهن جڏهن ته زخمي حبيب مقتول محمد اسحاق جو سڳو ڀاءُ آهي. هن ٻڌايو ته مقتول شمن علي بلوچستان جي علائقي بولان مان صائمه نالي ڇوڪري سان گهر مان ڀڄي پسند جو پرڻو ڪيو هو، 3 ڏينهن اڳ ئي ناردرن باءِ پاس گلشن چوڪ محمد خان ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. هن ٻڌايو ته 2 موٽر سائيڪلن تي سوار 4 جوابدار ڀاڻيجي ۽ ان جي مامي جو پيڇو ڪري گلشن چوڪ محمد خان ڪالوني تائين پهتا. جوابدارن کي ڏسي مامو ڀاڻيجو ڀڄي ويا ته جوابدارن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڀاڻيجو شمن علي ۽ هڪ مامو مارجي ويا جڏهن ته هڪ مامو زخمي ٿي پيو. جوابدارن صائمه نالي ڇوڪري کي پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا.
هن ٻڌايو ته فائرنگ جي واقعي ۾ 4 جوابدار غلام سرور، صادق، عبدالسلام ۽ غلام حيدر ملوث آهن جن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته پوليس مامي ڀاڻيجي کي پناهه ڏيندڙن کي گرفتار ڪري جاچ ۾ شامل ڪري ورتو آهي. هن ٻڌايو ته فائرنگ سبب مارجي ويل ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جو تعلق جتوئي قبيلي سان آهي، پوليس واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language